SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


خود اختياريءَ جو حق- خود-اراديت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


خود اختياريءَ جو حق- خود-اراديت

Self-determination

سيلف ڊٽرمينيشن

قوم يا ڪنهن گروهه جو اهڙو حق يا تمنا جنهن ذريعي اهو گروهه يا قوم پنهنجي علائقي کي پنهنجي سياسي قانون تحت هلائڻ چاهي. ڪابه قوم پنهنجي لاءِ الڳ رياست جو مطالبو ڪري، ته انهيءَ جو مطلب اهو هوندو آهي ته اها قوم پنهنجا سياسي، معاشي، سماجي ۽ قانوني معاملا پاڻ هلائڻ چاهي ٿي ۽ کيس پنهنجي معاملن ۾ ڪنهن جي به دخل اندازي پسند ناهي. خود-اراديت جو حق عام طور تي هڪ ملڪ ۾ رهندڙ مختلف قومن ۽ انهن قومن جي طرفان ٿيندڙ مختلف مطالبن واري ماحول ۾ گهڻو استعمال ٿيندو آهي . 1776ع ۾ آمريڪا جي آزادي ۽ 1789ع ۾ عام ماڻهن جي حقن لاءِ فرانس ۾ آيل انقلاب وارن واقعن خود- اراديت جي حوالي سان دنيا ۾ نين راهن کي نروار ڪيو. اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ ”سيلف ڊٽرمينيشن“ جي نُڪتي هيٺ ، يورپ ۾ آيل تبديلين جي نتيجي ۾ بيلجيم ۽ يونان جون آزاد رياستون وجود ۾ آيون . ساڳي طرح ڏکڻ آمريڪا ۾ به انهيءِ نظرياتي لاڙي سبب ڪافي ملڪ آزاد ٿيا. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران قومن جي آزاديءَ لاءِ اڳوڻي آمريڪا جي صدر ’ووڊ رو وِلسن‘ جي طرفان ڏنل 14نڪتن قومن جي ”سيلف ڊٽرمينيشن“ جي جذبي کي ويتر هٿي ڏني ۽ آهستي آهستي بين الاقوامي تعلقات ۾ خود-اراديت واري حق جي طلب ايتري قدر ته اهميت اختيار ڪري وئي ، جو اڳتي هلي ان حق کي گڏيل قومن جي پڌرنامي جو پڻ حصو ڪيو ويو. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ برطانيه، فرانس ۽ ٻين يورپي ملڪن جي قبضي هيٺ مختلف کنڊن جي علائقن به ان نظريي تحت آزادي ماڻي. گڏيل قومن طرفان اهڙن نون آزاد ٿيل علائقن کي 1960ع واري ”دي ڊڪليئريشن آن دي گرانٽنگ آف انڊ پينڊنس آف ڪولو نيئل ڪنٽريز اينڊ پيپلس“ تحت حق ڏنوويو ته اهي پنهنجي ملڪ ۾ آزاديءَ سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب سياسي، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي معاملا هلائي سگهن ٿا. 1970ع ۾ گڏيل قومن جي اداري (UN) ، بين الاقوامي قانون ۾ ”ڊڪليئريشن آف پرنسيپلس“ جو تصور آندو، جنهن ۾ خوداختياريءَ جي حق کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اداري جي سڀني ميمبر ملڪن کي خاص هدايتون ڏنل آهن. بين الاقوامي سياست ۽ قانون جي ماهرن جي باهمي بحثن ۾ حقِ خود-اراديت جي معاملي تي ڪافي تنقيد به ڪئي وئي آهي. هن ڏس ۾ ماهر سوال ڪري رهيا آهن، ته خود-اراديت جو حق ڪٿي غير ضروري طور دنيا جي قومن ۾ ڌار ملڪ جوڙڻ جي مطالبي کي ته هٿي نه ڏيندو؟ ان کان علاوه آزاديءَ جي حقدار قومن جو تعين ڪرڻ به مشڪل ٿي پوندو. ڇاڪاڻ ته ڪشمير، فلسطين ۽ دنيا ۾ ٻيا اهڙا ڪيترائي مسئلا آهن، جيڪي بين الاقوامي قانون جي 1970ع واري پڌرنامي تحت به حل نه ٿي سگهيا. انهيءَ ڪري 1970ع وارو پڌرنامو به خوداراديت واري معاملي کي پوريءَ طرح سان حل ڪرڻ کان قاصر آهي. خود اراديت آمريڪي آزاديءَ واري پڌرنامي ۾ محفوظ ٿيل آهي. جرمنيءَ ۽ اٽليءَ جي رياستن جا اتحاد پڻ حق خوداراديت واري اصول تحت ٿيا هيا


Remember Me Also:

پيهه پيهاٽ

ث. پيهه پيهان ، سخت ڳاهَٽُ ، ماڻهن جي هڪ ٻئي ۾ گَسي نڪرڻ جي حالت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal